جند پير-گردوارو

جند پير-گردوارو

جند پير گردوارو

جند پير-گردوارو: سکن جو هيءُ ڌرمي آسٿان سکر واري پل پار ڪرڻ کانپوءِ ساڄي هٿ تي ويندڙ رستي تي پل سان گڏوگڏ آهي، جنهن کي ’پير گردوارو'>جند پير گردوارو‘ سڏيو وڃي ٿو.
هيءُ هڪ خوبصورت گردوارو آهي، جيڪو پڪين سرن جو اڏيل آهي. گردواري جي سڄي عمارت اڇي ۽ پيلي رنگ سان رنگ ڪيل آهي. مهاڙي جي ونگائين لنگهه ۾ ڪاٺ جو خوبصورت ناسي رنگ جو در نصب ٿيل آهي، جنهن تي سونهري رنگ جي نقش نگاري ٿيل آهي. ان مکيه دروازي مٿان ٽيئر گارڊر ۽ چونڪن جو ڇڄو به ڏنل آهي ۽ اندرين عمارت مٿان اڀو قبو اڏيل آهي، جنهن جي مٿان گنبذ (Shikara) ۽ قبي جي چوڌاري پنکڙين نما عمودي ۽ سري کان اڀريل ڊزائين آهي. گردواري جي ٻاهرين ڀت گهڻو عرصو گذرڻ سبب ڪٿان ڪٿان خسته حاليءَ جو شڪار ٿي وئي آهي. گنبذ (Shikara) کان ڪجهه پرڀرو هڪ آڏي ڀت آهي، جيڪا ڌار عمارت جو ڏيک ڏئي ٿي. ان ڀت مٿان سرن سان هيٺ مٿي چئن، چئن خانن جا چوڪڙا ٺهيل آهن.
سکن جي روايت موجب گرونانڪ سنڌ ۾ پنهنجي ٽئين دوري دوران هن جاءِ تي اچي رهيو هو ۽ هتان گرونانڪ ساڌ ٻيلي جو رخ ڪيو هو. جهولي لال نالي هڪ اداسي ساڌو هن گردواري جو پهريون پوڄاري هو. هن وقت هي گردوارو نانڪ پنٿين جي اثر هيٺ آهي. هر روز هتي گرو گرنٿ مان ٻاڻي پڙهڻ سان گڏ مورتي پوڄا به ٿيندي آهي. گردواري اندر گرونانڪ جي ٻاريل جوت هر وقت ٻرندي رهي ٿي، جنهن اڳيان سک عقيدتمند مان پنهنجو سِرَ نوائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو